شيخ جهان امير

شيخ جهان امير: هيءُ ڪلهوڙن جي دور ۾ مغل شهنشاهه طرفان ميان دين محمد ڪلهوڙي تي ڪاهي آيو هو، ميان نصير محمد خان ڪلهوڙي جي وفات کانپوءِ دين محمد ڪلهوڙو گاديءَ تي ويٺو. جنهن بعد ڪلهوڙن جي فقيرن ميان نصير خان جي دور ۾ ڦرجي ويل پرڳڻن کي واپس وٺڻ شروع ڪيو. جڏهن ميان دين محمد پنهورن جي شهر فتحپور تي قبضو ڪيو، تڏهن مير پنهور مغل شهزادي کي وڃي دانهن ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ سبيءَ جي حاڪم پنهنجي خاص ڪارندي ميرزا خان پني کي پنهورن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ميرزا خان پني ڪيترائي دفعا ميان دين محمد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. آخر درٻار طرفان امير شيخ جهان کي سرائي فقيرن کي مات ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. امير شيخ جهان کي مقامي حالتن جو ڪوبه اندازو نه هو، سو هن طاقت جي غرور ۾ پنهورن جي سردار جي چوڻ تي سرائي فقيرن تي حملو ڪري ڏنو. سراين جي طرف کان فيروز ويراڙ، جنهن نوشهري فيروز جو شهر ٻڌرايو هو، حملا آورن تي ڳيريلي وٽ اوچتو رات جو اهڙو ته زبردست حملو ڪيو، جو دشمن جي سڄي فوج هراس ۾ پئجي وئي. انهيءَ وچ ۾ ميان دين محمد ڪلهوڙي کاري کان وڌيڪ لشڪر فيروز ويراڙ جي مدد لاءِ موڪلي ڏنو. شاهي فوج سراين جي لشڪر کان ٻيڻي هئي، تنهن هوندي به سراين، مغلن جي فوج کي بري طرح شڪست ڏئي، سندس سپهه سالار امير شيخ جهان کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ الهيار خان حملو ڪيو، پر ان کي به سراين شڪست ڏني ۽ پنهورن جي شهر فتحپور تي قبضو مضبوط ڪري ورتو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو